عالي جان واهه

عالي جان واهه: هي مشهور واهه ٺٽي شهر منجهان وهندو هو. انهي واهه کي غالباً ‘خانواهه’ به سڏيندا هئا، ڇو ته تاريخ معصومي ۽ تاريخ طاهري ۾ هن جو نالو خانواهه ڄاڻايل آهي. انهي واهه جي سلسلي ۾ روايت اهي ته اهو ڄام نظام الدين جي وزير اعظم ۽ سپهه سالار درياهه خان شهيد کوٽايو هو ته جيئن انهي جي ذريعي شهر جي آسپاس خواهه ساڪري جون زمينون آباد ٿين. انهي واهه وٽ شاهه بيگ ارغون سان شهيد درياهه دولهه خان جو آخري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سموري لشڪر درياهه خان سان گڏجي شهيد ٿي، ديس مٿان جان ڏني ۽ ميرزا شاهه بيگ ارغون سنڌ کي انهي جنگ ۾ فتح ڪيو. تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن ميرزا باقي بيگ ترخان خودڪشي ڪئي ان وقت سندس پٽ ميرزا مظفر بدين کان هلي اچي عالي جان واهه جي ڪپ تي لٿو، تاڪه شهر ۾ داخل ٿي پڳ ٻڌي پر اميرن ميرزا پائينده بيگ کي ٻڌائي ملڪ جو والي بنائي ڇڏيو. ميرزا مظفر اهو ٻڌي عالي جان واهه ڪپ تان ئي واپس بدين موٽي ويو. شاهه قاسم بيگلار جي پٽ ابو القاسم سلطان جڏهن ميرزا غازي بيگ ترخان سان بغاوت ڪئي ته ان وقت 1010هه/1601ع ۾ ميرزا غازي ڏانهن پيغام موڪليائين ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ‘بارگاهه واهه’ جي حد آهي، هي پاسو منهنجو ۽ پريون پاسو تنهنجو، جيڪڏهن اها ڳالهه قبول نه ڪندين ته آءٌ ٺٽي پهچي ‘عالي جان’ واهه کي سرحد بڻائيندس. عالي جان واهه جو ذڪر ٺٽي جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شعرن ۾ ڪيو آهي.


لفظ عالي جان واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو